شوداساڻي جيرامداس

شوداساڻي، جيرامداس: مشهور سياستدان ۽ صحافي جيرام داس، دولترام شوداساڻيءَ جو پٽ هو. سندس جنم فبروري 1892ع تي حيدرآباد ۾ ٿيو. 1908ع ۾ مئٽرڪ، 1912ع ۾ بي. اي ۽ 1914ع ۾ ايل. ايل. بي ڪيائين. نامور سياستدان غلام محمد ڀرڳڙيءَ سان سندس دوستاڻا تعلقات هئا، جنهن جي صحبت کيس سياست جي ميدان ۾ آندو. هن پهريان ‘هوم رول ليگ’ ۽ پوءِ 1919ع ۾ ‘عدم تعاون تحريڪ’ ۾ حصو ورتو. 1921ع ۾ ‘ڀارت واسياخبار جو ايڊيٽر ٿيو ۽ ٻن سالن لاءِ جيل ويو. انهيءَ دوران ‘هندو’ اخبار جاري ڪيائين، جنهن جو ايڊيٽر پاڻ ٿيو. 1926ع ۾ بمبئي ڪائونسل جو ميمبر ۽ 1929ع ۾ ڪانگريس ورڪنگ ڪاميٽيءَ جو ميمبر ٿيو. 1930ع ۾ ٻه دفعا جيل ويو. 1931ع ۾ ڪانگريس جو جنرل سيڪريٽري منتخب ٿيو. 1932ع ۾ وري ٻه دفعا جيل ويو، ائين مختلف وقتن تي ڪيترائي دفعا جيل ياترا ڪيائين. 1925ع ۾ ‘هندوستان ٽائيمس’ جو ايڊيٽر ٿيو. جيرامداس ورهاڱي بعد ڀارت لڏي ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو